محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو ۽ آسپاس جي متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي گل محمد، برڪت علي، گلبھار، جاويد ۽ ٻين چيو ته برسات کي لڳ ڀڳ مھينو گذرڻ وارو آھي پر ھن وقت تائين ڳوٺ شيخاڻي، گل محمد ھيسباڻي، سنجر خان لاشاري، ڀئونر، سنجر خان گوپانگ ۽ ٻين ڳوٺن جي متاثرن جي ڪنھن به سار ناھي لڌي، هنن چيو ته اسان جا گھر ڪري پٽ پئجي ويا آهن، ٻچن سميت کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھيون پر ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي انتظامي عملدار اسان وٽ لڙي ناھي آيو، هنن مطالبو ڪيو ته امداد ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي،