اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسان پاڪستان جي آئين منجهان ڪجهه به ناهي سکيو نه ئي وري ان کي صحيح طريقي سان پڙهيو آهي، آئين کي ماڻهن جي هوس ٿڏيو ۽ آئين جي حفاظت ڪندڙن آئين جي حفاظت جو کنيل قسم ٽوڙي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران بنيادي حق ۽ آئين جي عنوان هيٺ ڪرايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسانجي آئين کي ٺهي 50 سال ٿي چڪا آهن ان آئين بابت قائد اعظم چيو هو ته اهو جمهوري آئين هوندو ۽ اسلامي قانون تي ٻڌل هوندو ان کان علاوه قائد اعظم اهو به چيو ته اسلام ۾ سڀ برابر آهن ۽ ملڪ ۾ انصاف ۽ عدل مٿانهون هجي. جسٽس فائز چيو ته پاڪستان جو آئين هر شهري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو، ملڪ اندر رهندڙ اقليتن کي به تحفظ فراهم ڪري ٿو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مسلم ليگ جو جهنڊو سائي رنگ جو هو جنهن ۾ چنڊ ۽ ستارو هيو پر هاڻي ان ۾ اڇي رنگ جي پٽي به آهي جيڪا اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿي ان ڪري اسان سڀني مسلمانن مٿان فرض آهي ته هو اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪن ۽ انهن کي به انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته افسوس جو اسان پاڪستان جي آئين مان ڪڏهن سکيو ناهي ۽ نه وري ان جو ترجمو پڙهيو آهي، مونکي لڳي ٿو ته ملڪ جي ڪنهن به اسڪول ۾ آئين نه پڙهايو ويندو آهي جڏهن ته آمريڪا جي سڪولن ۾ آئين پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي ته جيئن شاگردن کي ان بابت معلومات ملي. جسٽس قاضي فائز چيو ته آئين پڙهڻ سان خبر پوندي ته پاڪستان جو وجود ڇو ٿيو؟ هن وقت جو پاڪستان اڌ آهي، مسلم آبادي جي لحاظ کان انڊونيشيا پهرين انڊيا ٻئين ۽ پاڪستان ٽين نمبر تي آهي، آئين کي هوس رکندڙن ٺڪرايو، ان جي محافظن ان جي حفاظت نه ڪئي ۽ ان قسم کي ٽوڙي ڇڏيو جيڪو حفاظت لاءِ کنيو ويو هو، آئين جي ڀڃڪڙي غداري جي زمري هيٺ اچي ٿي، آئين سان غداري ڪري نه صرف هن جهان پر مٿين جهان ۾ به سزا ملندي، آئين کي جيڪڏهن هٽائي ڇڏيندا سين ته وفاق به نه رهندو، ان ڪري هر پاڪستاني مٿان لازم آهي ته هو آئين جو تحفظ ڪري، پر اسان وٽ هڪ صاحب ايندو آهي اهو پنهجي مرضي سان آئين کي هيڏي هوڏي ڪندو آهي ٻيو صاحب ايندو آهي ته اهو به آئين کي هيڏي هوڏي ڪندو آهي ۽ اسان انهن کي ٻڌائيندا رهجي ويندا آهيون ته ايئن نه ڪرڻ گهرجي. جسٽس فائز چيو ته آئين ڪنهن به شهري کي کنڀي گم ڪرڻ جِي اجازت نٿو ڏئي، آئين ٽوڙڻ غداري جي زمري ۾ اچي ٿو.