مجبوري يا عوام جو خيال: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري رد

0
132
مجبوري يا عوام جو خيال:
=

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي نقش قدم تي هلڻ تي مجبور ٿي ويو، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري کي رد ڪري ڇڏي

سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي وئي آهي

مريم اورنگزيب عمران خان جي حڪومت تي الزام مڙهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي نااهلي ۽ غلطين جي سزا عوام کي نٿي ڏئي سگهجي، مهانگائي جو ستايل عوام تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو هو ته حڪومت پيٽرول تي عوام کي ڏنل سبسڊي برقرار نٿي رکي سگهي، ان حوالي سان وزيراعظم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ شهباز شريف به عمران خان جي ڪيل فيصلن تي عمل ڪري رهيو آهي

ھي به پڙھندا

حمزه شھباز نه پر عثمان بزدار پنجاب جو وڏو وزير آھي: پرويز الاھي