شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور ۾ هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو آهي، چور چوريءَ بعد “مجبوري آ، بک تي آهيون” جون نياپو لکي ويا. ان سلسلي ۾ شھدادپور شھر جي ابدال نگر پاڙي ۾ پرائمري اسڪول مان اڻڄاتل چور پاڻي وارو موٽر، پکا ۽ ٿڌي پاڻي واري مشين چورائي ويا، هيڊ ماستر اشفاق ميمڻ موجب گذريل رات دير سان نامعلوم چور دري مان ٽپي 3 پنکا پاڻي واري موٽر ۽ ٿڌي پاڻي جي مشين چوري ڪري ويا، نوٽيس وٺي چوري واپس ڪرائي وڃي، ذريعن موجب مبينا چور ڪلاس جي بورڊ تي لکي ويا ته کين راشن نه مليو، بک تي آهيون، ان ڪري اسڪول مان چوري ڪرڻي پئجي وئي، مهرباني ڪري پيڇو نه ڪيو وڃي، ٻئي طرف چوري واقعي سبب شاگردن ۽ استادن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، پوليس واقعي جي رپورٽ درج ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.