ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اهم گڏجاڻي، وڏي وزير ۽ گورنر جي موجودگي ۾ 5 ڪلاڪن تائين ٿيل گڏجاڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي سنڌ ڪابينا ۾ شموليت، نئين مڪاني نظام ذريعي پرڳڻي جي 6 ئي ميئر کي بااختيار ڪرڻ  ۽ سميت ترقياتي منصوبن جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ماحوليات، صنعت، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واريون 5 اهم وزارتون، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر شِپ ۽ ٻنهي شهرن جي ترقياتي منصوبن ۾ به حصو گھُري ورتو،  پيپلز پارٽي پاران بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کان حتمي منظوري  بعد ورندي ڏيڻ جو فيصلو، اجلاس  ۾ معاهدي تي مڪمل عمل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪالهه ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صديقي، گورنر ڪامران ٽسوري، فيصل سبزواري، خواجا اظهار، فروغ نسيم ۽ وسيم اختر تي ٻڌل وفد وزيراعليٰ هائوس پهتو، جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايم ڪيو ايم جي وفد پاران حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ڪئي، ملاقات ۾ شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، وقار مهدي، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران مڪاني نظام ذريعي ميئرن کي بااختيار ڪرڻ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ماحوليات، صنعتون، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ توڙي صحت جون 5 وزارتون گھُري ورتيون، اجلاس ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته هڪ کان 15 گريڊ  جي نوڪرين ۾ به 40 سيڪڙو شهري ڪوٽا  هيٺ ايم ڪيو ايم کي حصو ڏنو وڃي، ايم ڪيو ايم وفد  ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر شپ پڻ گھُري ورتي آهي. ذريعن موجب ته پ پ پاران ڄاڻايو ويو ته ايم ڪيو ايم جي مطالبن واري لسٽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پيش ڪئي ويندي، سندن منظوري بعد ئي مطالبن جي منظوري لاءِ ڪو خاطر خواهه جواب ڏنو ويندو. ايم ڪيو ايم وفد سان ملاقات بعد پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اطلاعات واري  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي مرڪزي وفد سان  مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون، ٻنهي جماعتن ۾ اتفاق ٿيو ته عمران خان ملڪ خلاف سازش ڪري رهيو آهي، سموريون پارٽيون ۽ حڪومت ادارن سان گڏ بيٺل آهي، هر صورت ۾ سازشين کي جواب ڏنو ويندو، هن چيو ته  ڳالهين ۾ ڪافي معاملن تي اتفاق ٿيو آهي، ملاقات ۾ ٻوڏ صوررتحال ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ به ڳالهيون ٿيون، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن وقت سمورو ڌيان برسات متاثرن جي بحالي طرف هجڻ گھرجي، هوڏانهن ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار چيو ته ملاقات ۾ اتفاق ٿي چڪو آهي ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ايم ڪيو ايم جو هوندو. هن چيو ته اسان سياسي بنيادن تي هڪ ٻئي خلاف احتجاج ڪري سگھون ٿا، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سياسي بنيادن تي شديد  اختلاف رهيا آهن پر ماڻهن کي ورغلائڻ واري سياست نٿي ٿي سگھي، پي ٽي  آءِ  ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته توهان پوليس کي بُرو ڀلو ناهي چيو ،توهان پوري فورس خلاف پروپئگنڊا ڪئي آهي، هن چيو ته معاهدي  تي عمل ۾ گھڻي اڳڀرائي ٿي آهي، انشا الله عوام کي تمام جلد خوشخبري ملي ويندي، ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن به جلد اچي رهي آهي، هن چيو ته ملاقات ۾ ترميمي مڪاني قانون تي غور ڪيو ويو،  اسان جو موقف آهي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورن مڪاني ادارن کي هڪ جهڙو اختيار هجڻ گھرجي، هن چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ اهو طئه ٿيو آهي ته ڪجهه شيون بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي منظوري سان ئي ٿينديون.