ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي مردم شماري تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي 10 مئي تي ڪراچي ۾ آدمشماري ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو  آهي، ان ڏس ۾  ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنهن ۾ مردم شماري ٿي ڳـڻتي جو اظھار ڪندي اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جي سمورن رھواسين کي ڳڻپ ۾ نه آندو ويو ته آدمشماري قبول نه ڪنداسين ، اسان ھر فورم تي آواز اٿاريو آھي، ھاڻي سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي گڏ ڪري ھڪ راء جوڙڻ لاء 10 مئي تي ڪراچي ۾ مردم شماري ڪانفرنس ڪوٺائي رھيا آھيون