ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر جي خالي ٿيل سينيٽ واري سيٽ تي ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪندي، پنهنجي اميدوار احمد سليم صديقي کي هٿ کڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪالهه پ پ جو وفد صوبائي وزير ناصر حسين شاه جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم مرڪز بهادر آباد پهتو، جتي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن وسيم اختر ۽ ٻين سان ملاقات بعد پ پ اميدوار وقار مهدي جي سينيٽ واري سيٽ تي حمايت جي درخواست ڪئي، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي اميدوار کي هٿ کڻائڻ  جي خاطري ڪرائي آهي، ايم ڪيو ايم اميدوار جي هٿ کڻڻ سان وقار مهدي سڀاڻي ئي سينيٽر ٿي ويندو، باقي عمران خان ته حڪومت مان نڪرندي ئي بوکلائجي ويو آهي، بلدياتي قانون ۾ ترميم بابت هن چيو ته ان حوالي سان سندس وڏي وزير سان ملاقات ٿي آهي ۽ 140 اي جي حوالي سان ملاقاتون ۽ مشاورت جاري آهي، ميئر کي بااختيار بڻايو ويو آهي، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جنهن جو نالو ڏيندي اهو ئي ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندو، هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي سياست جو خرافات آهي، هن جي مارچ ۾ ماڻهو ئي نه آيا، هاڻي شوشو ڇڏيو ويو ته پنجاب ۽ ڪي پي جون اسيمبليون ٽوڙيندا، جيڪو هي نه ٽوڙيندا، اڄ به انهن جي پارلياماني ميٽنگ ٿي آهي، جيڪڏهن هي اسيمبليون ٽوڙيندا ته اسين ننڍي چونڊ لاءِ تيار آهيون، باقي عمران خان آخر تائين چاهيو پئي ته ادارا سياسي پر ادارن جوغير سياسي رهڻ وارو فيصلو خوش آئند آهي. ان موقعي تي وسيم اختر چيو ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي فيصلي تحت سينيٽ جو اميدوار پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻندو، اميد آهي ته وقار مهدي سينيٽر بڻجي ڪراچي سميت سنڌ جي خدمت ڪندو.