ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال مطالبو ڪيو  آهي ته ڊجيٽل آدمشماري لاءِ مقرر ڪيل 10 ڏينهن واري مدي  ۾ واڌ ڪئي وڃي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي  هن چيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان آءِ ايم ايف يا ورلڊ بينڪ نه پر ڪراچي شهر ئي ڪڍي سگهي ٿو، ، 75 سالن جي تجربن بعد ملڪ هاڻي وڌيڪ تجربا برداشت نٿو ڪري سگهي، آدمشماري ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد واسين سان ٻيهر زيادتي ٿي ته هتان جا ماڻهو بددل ٿي ويندا، جنهن جو نقصان سڄي ملڪ کي ٿيندو،هن چيو ته ايم ڪيو ايم نادرا کان ڪراچي مان جاري ٿيل شناختي ڪارڊن ۽ بي فارمن جي ڊيٽا لاءِ تحريڪ سينيٽ ۾ پيش ڪندي، جڏهن ته  ايم ڪيو ايم ڪارڪن پاڻ گهر گهر وڃي آدمشماري لاءِ ڊيٽا گڏ ڪندا، هن چيو ته آدمشماري، خانا شماري ۽ خودشماري لاءِ وقت وڌايو وڃي، هڪ بلاڪ ۾ وڌ ۾ وڌ  250 گهر هجڻ گهرجن، جيڪڏهن وڌيڪ گهر آهن ته اتان جي عملي کي پابند ڪيو وڃي ته جيئن ڪو گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي.