ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم اين اي ڪنور خالد جي نظربندي واري درخواست گهرو کاتي پاران جواب جمع ڪرائڻ بعد  اڪلائي ڇڏي، گهرو کاتي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته  نظربندي واري نوٽيفڪيشن جو مدو ختم ٿيڻ تي درخواست غير موثر ٿي وئي آهي، جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته گهرو کاتي کي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن نوٽيفڪيشن اثرائتو ئي ناهي رهيو ته واپسي جو مطلب ڇا آهي؟ عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.