ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي مان متحده جا مختلف وقتن تي گم ڄاڻايل 12 کان وڌيڪ ڪارڪن بهادر آباد مرڪز پهچي ويا، جن جي  اتي موجود ڪارڪنن ۽ سندن وارثن آجيان ڪئي، ڪارڪنن جون مائرون ۽ ڀائر کين ڀاڪرن ۾ ڀري لڙڪ لاڙيندا رهيا، ٻئي طرف متحده جي ترجمان ڪارڪنن جي آزادي جي تصديق ڪندي سندن نالا ۽ انگ ٻڌائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي