متان نه مڃين

0
55
متان نه مڃين

  عمران خان پاران نينگر ابوبڪر جي قميص تي صحيح ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي ان بابت دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا، ان جهڙيون ٻيون تصويرون به سامهون آنديون ويون، چيو ويو ته ابوبڪر جي قميص جي قيمت 6 ڪروڙن تي پهچي وئي آهي، هڪ صارف تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ابوبڪر جو وڏو ڀاءُ سندس قميص چوري ڪري فرار ٿي ويو، هڪ ٻئي صارف لکيو ته عمران خان جي صحيح واري قميص جي ڪروڙين ڊالرز جي ٻولي لڳائي وئي آهي، قميص خريداري لاءِ ماڻهو بي تاب آهن، خان صاحب اوهان جي صحيح ايڏي مهانگي آهي ته پوءِ لنڊي مان ڪپڙا خريد ڪري انهن تي صحيح ڪندا وڃو ۽ وڪڻندا وڃو، ملڪ تان قرض لاهيندا وڃو، معيشت کي سنواريندا وڃو.