متان نه مڃين ! ڪوڙ نه پکيڙيو

0
110
متان نه مڃين ! ڪوڙ نه پکيڙيو

   سوشل ميڊيا تي هن شخص جي تصوير وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن جي هٿ ۾ جيڪو ليپ ٽاپ آهي ان جي اسڪرين تي تصويرون تبديل ٿيل آهن، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته هن شخص بجلي جي لوڊشيڊنگ جو اهو حل ڪڍيو ته سولر پليٽ تي ليپ ٽاپ هلائي پيو پر ان جي ليپ ٽاپ جي اسڪرين ايڊيٽنگ ذريعي تبديل ڪئي وئي، هڪ اسڪرين ۾ عمران خان نظر اچي رهيو آهي ٻي ۾ وري بلاول ڀٽو زرداري نظر اچي رهيو آهي، جنهن مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هي شخص انهن اڳواڻن جا جلسا ڏسي رهيو آهي. جڏهن ته اها اصل تصوير 2017ع جي آهي، جنهن ۾ ليپ ٽاپ جي اسڪرين بند يعني بليڪ ٿيل آهي، سوشل ميڊيا تي اهو پڻ ٻڌايو پيو وڃي ته تصوير ۾ نظر ايندڙ شخص 2 سال اڳ گذاري ويو آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا تي ڪنهن به مواد جي تصديق ضرور ڪرڻ گهرجي، لڪير جو فقير بڻجي شين کي وائرل نه ڪجي (منصور نثار)