ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين امدادي سرگرميون جاري رهنديون. جاري ڪيل بيان ۾ هن  چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 20424 خاندانن ۾ راشن بيگز،  3200 خيما ۽ 3000 مال  جون مڇردانيون ورهايون ويون آهن،  هن وقت تائين متاثرن کي 616118 خيما، 535457 ترپال، 3237345 مڇردانيون، 801666 لٽر منرل واٽر ، کاڌي جون 145723 ديڳيون ۽ ٻيو قيمتي سامان فراهم ڪيون ويون آهن. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 242558 متاثر موجود آهن، جن ۾ 66939 ٻار ۽ 52865 عورتون شامل آهن.