مبينا ڌيءَ لڪائڻ وارو معاملو: نااهلي ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت

0
222
توشه خانه ڪيس: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان طرفان مبينا ڌيءُ ٽيريان کي لڪائڻ بابت نااهلي واري ڪيس تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان خلاف نااهلي ڪيس تي ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل پيش ٿيا

عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان جي مبينا ڌيءُ ٽيريان جي معاملي تي پهرين ئي فيصلو ٿي چُڪو آهي، جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان اُن حوالي سان پنهنجو لکت ۾ جواب جمع ڪرايو

عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

جيڪڏهن ڪم نٿا ڪري سگهو ته استيعفيٰ ڏئي گهر هليا وڃو:سنڌ هاءِ ڪورٽ