مبينا اغوا ڄاڻايل لوڪ فنڪارا سائره سومرو ڊرامي انداز ۾ بازياب

0
406
مبينا اغوا ڄاڻايل لوڪ

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو ) سنڌ جي لوڪ فنڪاره ۽ ٽنڊو محمد خان  جي سومرا پاڙي واسڻ سائرا سومرو  جي مبينا اغوا ٿيڻ واري رپورٽ سندس پيءُ آمون سومرو بي سيڪشن ٿاڻي تي درج ڪرائي هئي

رات دير سان فنڪاره  گهر پهچي وئي. چوٻول آهن ته لوڪ فنڪاره سائرا سومرو کي پوليس ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀرپاسي جي علائقي مان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي پنهنجي مائٽن حوالي ڪري ڇڏيو آهي

جڏهن ته پوليس واقعي جي صرف اين سي داخل ڪئي آهي ڪا به ايف آءِ آر وغيره بي سيڪشن ٿاڻي تي درج ناهي ڪئي ويئي ۽ نه ئي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڪا گرفتاري ميڊيا آڏو ظاهر ڪئي وئي آهي

پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي فنڪاره جي پيءُ آمون سومرو ٻڌايو ته منهنجي ڌيءُ واپس گهر پهچي وئي آهي اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي. هن وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي پاسي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته لوڪ فنڪاره سائره سومرو پاڻمرادو پنهنجي گهر پهتي آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

باڊهه ويجهو 3 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري کي جوابدارميهڙ ڀرسان ڦٽو ڪري فرار