ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي چورين تي ضابطو نه آيو. گذريل جمعي رات نامعلوم چور مبارڪپور شھر مان ٿاڻي جي ڀر واري مارڪيٽ جي دڪانن ۽ ھوٽلن تان 10 سولر پليٽون چوري ڪري ويا. اطلاع باوجود مبارڪپور ٿاڻو سڏ پنڌ تي ھجڻ باوجود پوليس واردات واري هنڌ تي نه پھتي. شھرين موجب نامعلوم چور دڪاندارن امداد مھتم، سجاد، علي محمد، ياسين مھتم ۽ ٻين جون 10 سولر پليٽون چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سولر پليٽون واپس ڏياريون وڃن.