مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عاقل انڙ  ۾ رابعا مگسي  کي مڙس غلام مصطفيٰ مگسي  ڪارنهن تهمت لڳائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙي اطلاع تي مبارڪپور پوليس بروقت ڪارروائي ڪري عورت کي موت جي منهن کان بچائي ورتو. پوليس موجب اطلاع مليو ته عورت کي ڪارنهن تهمت ۾ ماريو ويندو. اسين بروقت ڪاروائي ڪري عورت کي هٿ ڪيو. مبارڪپور پوليس ناري کي سول ڪورٽ جيڪب آباد ۾ پيش ڪيو، ناري بيان ڏيندي چيو ته مڙس غلام مصطفيٰ مگسي تشدد ڪندو هو، ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو پلان به ٺاهيو هو،  جنھن جي خبر مبارڪپور پوليس کي پئي جنهن بروقت ڪاروائي ڪري منهنجي زندگيءَ بچائي ورتي آهي جنهن کان پوءِ عدالت ناري کي دارالامان جيڪب آباد موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.