مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور لڳ مبينا مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان ناري مارجي وئي، مڙس جو چوڻ آهي ته ڀائيٽيو پسٽل سان کيڏي رهيو هو، اوچتو گولي ڇٽڻ سبب زال کي لڳي، ڀاءُ پاران قتل جو شڪ، ٿاڻي تي دانهون، پوليس ناري جي سهري سميت 5 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب ڳوٺ ميرل پراڻو ۾ 25 ورهين جي پرڻيل ناري نورجهان معرفاڻي مبينا مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارث ٿاڻي تي کڻائي پهتا، جن کي پوليس ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ٺل اماڻي ڇڏيو، ناري کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ناري جو لاش بنا پوسٽ مارٽم جي سندس مڙس گهر کڻائي ويو، ناري جي مڙس خادم معرفاڻي جو چوڻ هو ته سندس گهر ۾ پيل ٽي ٽي پسٽل سان 10 ورهين جو ڀائٽيو عيدن معرفاڻي راند کيڏي رهيو هو ته اوچتو گولي ڇٽڻ سبب گهر واري کي مٿي ۾ گولي لڳي، جيڪا شديد زخمي ٿي پئي، کيس اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ فوت ٿي وئي. ناري جي ڀاءُ امام الدين معرفاڻي ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪندي ٿاڻي تي دانهون ڪندو رهيو، سندس چوڻ هو ته سئوٽن سان اختلاف هئا، ڪو اتفاق ناهي ٿيو، ننڊ ستل ڀيڻ کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد ڪيس داخل ڪرائيندس، ناري جي ڀاءُ جي دانهڻ تي پوليس ناري جو لاش تعلقي اسپتال ٺل کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه ڀاءُ حوالي ڪيو ويو، جيڪو پنهنجي اباڻي ڳوٺ شڪارپور جي علائقي شيخ جي وانڍ کڻائي ويو، هوڏانهن پوليس ڳوٺ پراڻو ميرل تي چڙهائي ڪري مقتول ناري جي سهري سميت 5 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي ڀاءُ جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪئي آهي، ميڊيڪل رپورٽ ملڻ بعد حقيقت جي خبر پوندي.