مبارڪپور: سرڪاري هٿيار وڪرو ڪرڻ تي اهلڪار خلاف ڪيس داخل

0
402

مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ٿاڻي تي برطرف ٿيل اهلڪار خلاف سرڪاري هٿيار وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ست مهينا اڳ صابر کوسو سرڪاري هٿيار وڪرو ڪيو هو، آر پي او سکر جي حڪم تي صابر کوسو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صابر کوسو جو چوڻ آهي ته مون کان سرڪاري جي ٿري رائفل پوليس اهلڪار مير حسن گورشاڻي وياج جي پئسن عيوض ڦري هئي، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي..