مبارڪپور: ارڙي وبا سبب معصوم ٻارڙي فوت، انگ 14 ٿي ويو

0
238

مبارڪپور(ن پ ا) مبارڪپور ڀرسان ارڙي جي وبا سبب ٻن سالن جي معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، ڳوٺ حاجي ميهارخان شر ۾ ارڙي وگهي ٻن ورهين جي آسيه ڌيءَ اربيلو چاچڙ فوت ٿي وئي، جنهن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي وبا سبب فوت ٿيلن جو تعداد 14ٿي ويو، صحت کاتو ۽ سنڌ حڪومت اگهور ننڊ ستل آهي.