ماڻهپي واري سياست

0
338

 “اي دوست! اڄ ڀل ماڻهپي واري سياست جو سوال ئي منظر تان غائب ٿي ويو هجي پر اسان جو ته اولين  فرض ئي آهي ماڻهپي واري سماج جي تعمير لاءِ پاڻ پتوڙڻ. ڀل ڪيترا به زلزلا ڇو نه اچن، اهي انساني اداري کي ماري نٿا سگھن،. هر تباهيءَ کانپوءِ وري نئين سر تعمير جو جذبو ازلي و ابدي زندگيءَ جي علامت آهي.

                 ڏس! ڪيڏيون نه قيامتون اسان تي ڪڙڪن ٿيون ۽ انسان انهن کان به گذريو وڃي، نه رڳو نٽشي جو عظيم انسان پر هي ڪروڙين ڪيڙا ماڪوڙا به انهن قيامتن تان گذريو وڃن. عظيم انسان جو وجود بس انهن جي ئي دم سان قائم آهي.”

                 2005ع ۾ آيل زلزلي کانپوءِ لاهوت جي واٽ تي هلندي سوچن جي سمنڊ جي هڪ لهر ڪاغذ جي ڪشتيءَ تي سوار ٿي لوح قلم ۾ محفوظ ٿي وئي هئي، جنهن جو عڪس پيش ڪندي سوچي رهيو آهيان ته 16 سالن کانپوءِ به ماڻهپي واري سياست جو سوال اڄ ڪٿي بيٺل آهي ۽ ماڻهپي واري سماج جي تعمير جو آدرش ڪڏهن پنهنجي منزل ماڻيندو؟

گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملڪي توڻي بين الاقوامي پيش نظر تي اصولن ۽ آدرشن کان عاري سياست جو راڄ آهي ۽ ماڻهپي واري سياست جو سوال ئي پس منظر ۾ هليو ويو آهي.  اسان وٽ ته سياست توڻي سماج اخلاقي قدرن کي به طلاق ڏئي ڇڏي آهي. سواءِ خسيس مفادن جي سياست ۽ خسيس ذاتي گروهي، مافيائي مفادن جي جنگ جهيڙي ۽ فساد جي باقي سڀ ڪجھه پس منظر ۾ هليو ويو آهي. ان ڪاري رات جي ڪُک مان ڪو روشنيءَ جو ڪِرڻو ڦُٽي ٿو ته اسان کي پريشاني وٺي وڃي ٿي، اسين اونداهي جا ايڏا هيراڪ ٿي ويا آهيون ۽ جيڪي روشنيءَ جا شهسوار آهن تن کي به ڄڻڪ پنهنجو پاڻ تي به ويساهه نه رهيو آهي. ڪا تحريڪ اٿي ٿي، ڪا لاٽ ٻري ٿي، ڪا باک ڦٽي ٿي ته مايوس چهرن تي مُرڪ وري ٿي. جوش جي لهر اُٿي ٿي، صبح جي آس ڪَرَ موڙي ٿي، ڪجھه ڪرڻ تي من اُتساهي ٿو پر وري وري افق تي ڪارا بادل ڇانئجي وڃن ٿا ۽ اميدون دم ٽوڙڻ لڳن ٿيون، جوش ماٺو ٿي وڃي ٿو. اميد جي جاءِ آنڌ مانڌ وٺي ٿي، بي چيني ڪَر موڙي ٿي، ڪهڙي واٽ وٺجي؟ ذهن جي پولار تي سوچن جا انبار ڪٺا ٿين ٿا. ڇا هنن روايتي طريقن سان ڪجھه حاصل ٿيندو يا ڪجھه غير معمولي ڪم ڪرڻو پوندو؟ ڪا غير معمولي واٽ ڳولي ۽ اختيار ڪرڻي پوندي!؟

اهڙي ئي سوچ، لوچ، تڙپ ۽ ڳولا گذريل ٻن ٽن هفتن کان ڪجھه لکڻ به ناهي ڏنو. اندر جي آنڌ مانڌ ۽  ذهن جي آواره گردي اڄ به جاري آهي، ڪنهن نئين واٽ جي تلاش ۾. هڪ طرف اميدن جو  سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف ڏاڍي گُهٽ ۽ ٻوسٽ آهي.

6 جون تي بحريا ٽائون ڪراچيءَ جي گيٽ تي اسان غير معمولي لقاءَ ڏٺا. هڪ طرف هڪ لک کان مٿي ماڻهن جو اميد ۽ اتساهه سان ڀريل لقاءُ هو ۽ ساڳئي ئي وقت سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي قيادت ڳڻتي ۽ پريشانيءَ  وچان بحريه جي گيٽ تي گڏ ٿيندڙ ننڍڙي انبوهه کي ڪنهن به پرتشدد ڪارروائي کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي. هڪ طرف جلسي جي پر امن ڪارروائي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي رهي هئي ته ٻئي طرف وري علي ٽاور ۽ بحريه جي گيٽ کان باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا. سنڌ سرڪار ۽ بحريه جي انتظاميه پر تشدد ڪارروائي ڪرڻ وارن کي پهرين کلي ڇوٽ ڏني ۽ پوءِ انهن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي بهاني سڄي پر امن جلوس کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ آنسو گيس جو گولا ۽ رٻڙ جون گوليون هلايون. پر امن سياسي سرگرمي ۽ پرتشدد رياستي سرگرميءَ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ نئون ڇال پيدا ڪيو آهي. وڏيون وڏيون سياسي، تبديليون ۽ انقلابي حالتون بظاهر ڪنهن هڪ ننڍي وڏي واقعي سان شروع ٿينديون آهن. هڪ گوليءَ سان مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي هئي. تيونس ۾ هڪ انسان جي بي وسيءَ وچان پاڻ کي باهه جي ڏيڻ سان سڄي عرب دنيا کي باهه لڳي وئي هئي، جنهن کان پوءِ عرب دنيا اها ساڳي نه رهي جيڪا ان کان اڳ هئي. سنڌ ۾ به جيڪا باهه بحريه جي گيٽ کي لڳي آهي اها ته چند ڪلاڪن ۾ وسامي وئي. باقي سنڌ جي ماڻهن جيڪا احتجاج جي صدا بلند ڪئي آهي، تنهن جو آواز ڪڏهن جھيڻو ته ڪڏهن تيز اڄ به گونجي رهيو آهي.

سنڌ ٻيو غير معمولي لقاءَ 19 جون 2021ع تي ڏٺو، جڏهن جي ايم سيد جي پوٽي سيد زين شاهه پنهنجي ضمانت ۾ توسيع بدران پاڻ کي رضاڪاراڻي طور تي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو. خود غرضي ۽ موقعي پرستي واري سياست جي دور ۾ هي قوم جي بي لوث سچي بهادراڻي سياست جو عملي مثال هو، جڏهن سوشل ميڊيا تي سندس نياڻي سان الوداعي ڀاڪر جي تصوير وائرل ٿي ته وقتي طرح جذبات جو اهو طوفان هو جو ماڻهن طرفان جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ ۽ پنهنجي رضاڪاراڻي گرفتاري ڏيڻ جون آڇون اچڻ لڳيون. سيد زين شاهه جي ان انقلابي قدم  سان سنڌ جي سياسي پيش منظر ۾ هڪ نئون سياسي ڇال آيو آهي. جنهن پهرين وڏو ڀونچال پيدا ڪيو ۽ پوءِ وري ماٺار ٿي وئي آهي. جيڪا بي چينيءَ واري ماٺار آهي. اڄ کيس اهو غير معمولي قدم کڻندي ٽي مهينا ٿي چڪا آهن ۽ ٻاهر زندگي معمول مطابق جاري و ساري آهي. ڇا هي قرباني به رائيگان وڃي رهي آهي؟ مٿس شايد ذهني دٻاءُ هجي ته سڀن جيان ضمانت وٺي ٻاهر اچي قومي تحريڪ جي قيادت ڪري جڏهن ته سندس سوچ ۽ مزاج جو تاڃي پيٽو کيس ايئن ڪرڻ کان سختيءَ سان روڪي رهيو آهي. هو مزاحمت جي راهه جو راهي آهي پر ڇا هو اڪيلو آهي ها به، نه به!

چون ٿا ته هر شيءَ جي قيمت هوندي آهي، لڳي ٿو قومي ٻڌيءَ جي به ڪا قيمت هوندي آهي. جيڪو غير معمولي قدم سيد زين شاهه 19 جون تي کنيو، ان متعلق پهريون ڀيرو راءِ  12 جون تي سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ کان اڳ سنڌ يونائٽيڊ پارٽيءَ جي  مرڪزي اڳواڻن جي غير رسمي اجلاس ۾ پيش ٿي هئي ته جن به اڳواڻن تي دهشتگرديءَ جا ۽ ٻيا ڪوڙا ڪيس سنڌ سرڪار ۽ بحريه انتطاميا رياستي مشينريءَ کي استعمال ڪندي لڳرايا آهن، تن ۾ ضمانت جي توسيع بدران سڀ اڳواڻ اجتماعي طور رضاڪاراڻي گرفتاري پيش ڪن. اها غير معمولي راءِ ان اجلاس ۾ ته اتفاق راءِ سان پيش ٿي ۽ سڀ کان وڌيڪ پر جوش طريقي سان سائين جلال محمود شاهه پنهنجي رضاڪاراڻي گرفتاري پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر افسوس جو سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ ج اجلاس ۾ اها تجويز اتفاق راءِ سان منظور نه ٿي . ايس يو پي ان کانپوءِ ان تجويز تي غور فڪر جاري رکيو ۽ پارٽي صدر سيد جلال محمود شاهه جي رضاڪاراڻي گرفتاريءَ وقت بيان ڏيڻ جي ڪاپي به تيار ٿي وئي. 16 جون تي پارٽي جي مرڪزي باڊيءَ جي اجلاس ۾اهو بيان  پڙهي ٻڌايو ويو. اتي سڄي صورتحال جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو ته جيئن ته پارٽي صدر جي صحت ۽ قومي تحريڪ جي قيادت ڪرڻ جي تقاضائن جي پيش نظر ان جي رضاڪاراڻي گرفتاري نا موزون هوندي، باقي سيد زين شاهه ڀل پنهنجي ضمانت ۾ توسيع جي درخواست نه ڏئي. ان اجلاس کان پوءِ سوچ جون ٻه ڌارائون لاڳيتيون باهم مبحث آهن. هڪڙي سوچ اها آهي ته سيد زين شاهه جيل کان جلد ٻاهر اچي قومي تحريڪ جي قيادت سنڀالي ۽ ٻي سوچ اها آهي ته مزاحمت جي زندانن واري واٽ تي هلندي سرڪار کي جھڪائي کيس ٻين اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا وڃن. في الوقت اسان جي قومي تحريڪ اتفاق راءِ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ٻڌي ۽ ايڪي جي قيمت ڀري رهي آهي. ان جو هڪ قدم مفاهمت جي ٻيڙيءَ ۾ ۽ ٻيو قدم مزاحمت جي ٻيڙيءَ ۾ آهي ۽ ٻن ٻيڙين جي سوار جو ڇا حشر ٿيندو آهي، ان سوال جي جواب اندر جي آنڌ مانڌ کي جنم ڏنو آهي.  ڪاميابي ته فقط تڏهن ملندي جڏهن مضبوط ارادي سان، ثابت قدميءَ سان، مستقل مزاجيءَ سان ۽ يڪسوئي سان ٻئي قدم مزاحمت جي ٻيڙي ۾ رکبا ۽ توڪل جي ترهي تي سفر ڪبو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خطرناڪ طوفان سان منهن ڏيڻو پوندو پر فيض چواڻي ته : “هر راه جو اڌر ڪو جاتي هي مقتل سي گذر ڪر جاتي هي ’’ عاشق زهر پياڪ هوندا آهن، باقي سڌڙيا پيا سَڌون ڪندا آهن. عاشق ڪو ڪو هوندو آهي ۽ سڌڙين جي لٺ پئي لڳندي آهي.

من اندر جي سڄي آنڌ مانڌ ۾ اهو ئي خيال آيو ته اندر ۾ سڙڻ پڄرڻ سان گڏ گڏ حقيقت هن حال جي، جي ذري ظاهر ڪجي ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي. عوام سان جيترو سچ ڳالهائبو، اوترو ئي سڄي سياست جا بنياد مضبوط ٿيندا ۽ ڪوڙ جا قلعا ڪمزور ٿيندا، جيڪڏهن ماڻهپي واري سياست ڪرڻي آهي ۽ ماڻهپي وارو سماج اڏڻو آهي ته ان جابنياد ته سچ تي ئي اڏي سگھجن ٿا ۽ هو جو چوي ٿو ته، “ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي واهه” ته اها ڪوڙ خلاف سچ جي ويڙهه ئي ته آهي جيڪا اسان کي ماڻهپي واري سياست ۽ سماج جي تعمير ڏانهن وٺي وڃي سگھي ٿي.