ماڻهو پاڻ پي ٽي آءِ نه پيا ڇڏين، ڇڏائي پئي وڃي: عمران خان

0
338

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته ماڻهو پاڻ پي ٽي آءِ نه پيا ڇڏين، ڇڏائي پئي وڃي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾ پيشيءَ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته بندوق جي زور تي اسان جي ماڻهن کان پارٽي جون وفاداريون بدلايون پيون وڃن، ان عمل سان پارٽي ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي

عمران خان چيو ته هو صرف ڪارڪنن ۽ عورتن لاءِ پريشان آهي، ڪارڪنن توڙي عورتن سان غير امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي

جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت  عمران خان جي 8 جون تائين 8 ڪيسز ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي، جج راجا جواد عباس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت داخل ڪيسز تي ٻڌڻي هلائي

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف نيب جاچ لاءِ پراسيڪيوشن ٽيم  جوڙي وئي، ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر پراسيڪيوشن  جي سربراهي ڪندو، سهيل عارف، عثمان مسعود ۽ رافع مقصود پراسيڪيوشن  ٽيم  ۾ شامل آهن، نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

عمران خان آڊيو ليڪس ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو