اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران شهري 8 مهينن کان بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، عدالت چيو ته ماڻهو کنڀيو ئي آهي نه، ٻڌايو ڪٿي ماري ته نه ڇڏيو؟ سي ٽي ڊي ڪي پي کان اچي هڪ ماڻهو کنيو، پوليس کي ملي نه رهيو آهي؟ عدالت ڊي آءِ جي آپريشنز، ايس ايس پي آپريشنز کي جمعي تي طلب ڪري ورتو، جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته سمجهڻ چاهيون ٿا ته آخر ڇا ٿي رهيو آهي؟ دنيا کي به خبر پوي ته پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟ پوليس نا اهل آهي يا ٻي پارٽي سان مليل آهي؟ اسلام آباد پوليس جو ڪنڊڪٽ ئي پنهنجي عزت ڪرائڻ وارو ناهي.