ڪراچي(شوبز نيوز) نامياري اداڪارا ۽ ميزبان شائستا لوڌي ڊاڪٽرياڻي پڻ آهي ۽ لاهور ۾ پنهنجي ڪلينڪ هلائي ٿي پر سندس چوڻ آهي ته ماڻهن کي يقين ئي نٿو اچي ته هوءَ ڪا ڊاڪٽرياڻي پڻ آهي. شائسته لوڌي تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته شوبز ۾ اچڻ ڪري ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ بعد ڏکيايون ٿيون، ڊرامن ۾ اچڻ ڪري ماڻهو مون کي سنجيده نٿا وٺن، ڪنهن تقريب ۾ ميزبان يا اداڪارا طور ڏسن ٿا پر ڊاڪٽر طور ڪير به نٿو سڃاڻي. ماڻهو چوندا هئا ته شائسته صبح جي شو ۾ پراڻي شرٽ کي نئون ڪرڻ جو طريقو ٻڌائيندي رهند آهي ۽ هاڻي هتي اچي وئي آهي پڙهڻ لاءِ. هي ڊاڪٽر آهي به؟  هن ٻڌايوته ماڻهو اڪثر چوندا هئا ته شائسته ته اها آهي جيڪا مارننگ شو جي ميزبان آهي، هي واقعي ڊاڪٽر آهي يا نالي سان بس ڊاڪٽر لڳائي ڇڏيو اٿس.