خراب ترين سياستدان به هڪ آمر کان ڪروڙ ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي: خورشيد شاهه

0
310
ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه

پاڻي واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته خراب ترين سياستدان به هڪ آمر کان ڪروڙ ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي

خورشيد شاهه آءِ بي سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، سندس چوڻ هو ته ڪنهن آمر کان ڪڏهن اهو سوال ٿيو ته ملڪ جا 3 درياهه ڇو وڪرو ڪيا ويا؟

هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت پاڻيءَ جي کوٽ ڇو آهي؟ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سهولت نه هئڻ سبب 123 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي

خورشيد شاهه چيو ته ملڪ کي هر سال 8 ارب ڊالرز جو نقصان پهچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ رڳو 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي، اها گنجائش گهٽ ۾ گهٽ 60 ملين ايڪڙ فوٽ هجڻ گهرجي

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته نوجوان چون ٿا سائين پٽيوالي يا چوڪيدار جي نوڪري وٺي ڏيو، اسان کي پنهنجي قوم کي پٽيوالو يا چوڪيدار نه بڻائڻو آهي

خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سکر سميت سنڌ ۾ آءِ ٽي جا ٽاورز لڳائي نوجوانن کي گهر ويٺي روزگار ڏينداسين