سان ڊياگو(دلچسپ نيوز) ماکي جي مکين پاران پنهنجن ٻچن کي رقص سيکارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف ڪيليفورنيا يونيورسٽي سان ڊياگو پاران ڪيل هڪ نئين تحقيق ۾ ٿيو آهي. تحقيق ۾ حصو وٺندڙ پروفيسر جيمز سي نائهي جو چوڻ آهي ته اسان ڄاڻو ٿا ته مکيون جڏهن باغ مان واپس اينديون آهن ته پنهنجن منارن اڳيان 8 جي شڪل ۾ گڏ ٿينديون آهن هن ٻڌايو ته باغن مان رس چوسي منارن تي کڻي اچڻ بعد مکيون 8 واري ان شڪل ۾ گڏجي رقص ڪنديون آهن سندس چوڻ هو ته ماکي جي مکين جو اهو رقص رس سان ڀريل گلن جي نشاندهي ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته مکيون اهو رقص پنهنجي پوڙهن مائٽن کان سکنديون آهن جيتوڻيڪ سماجي طور رقص سکڻ جو اهو عمل وڏا دماغ رکندڙ جانورن ۾ ئي هوندو آهي پر تحقيق مان پتو پيو آهي ته ماکي جي مکين ۾ پڻ اهڙي حس موجود هوندي آهي جيڪا انهن کي اهو رقص سکڻ تي مجبور ڪندو آهي.