ماڇڪو ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي فوت ٿيل 22 ڄڻن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

0
204
ماڇڪو ويجهو ٻيڙي اونڌي

ڏھرڪي/رائونتي (نمائندن وٽان) ماڇڪو ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي فوت ٿيل 22 ڄڻن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا

ماڇڪو ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي فوت ٿيل 22ڄڻن جا مڙهه جنازي  نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا آھن

عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 فوتين جي  ٻانڊ، ماڇڪو،ڳوٺ غلام حسين  سولنگي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

فوتين جا مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، علائقن ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿيل آھي

فوتين ۾ مسمات گامل،مسمات غلامان  سولنگي، نسيما، متاري، مسمات شهبانه،  حسينه، مسمات اميران ۽ ٻيا شامل آھن

انتظاميا موجب ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا لاءِ اڄ ٻيهر ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

ڄاڃين سان ڀريل ٻيڙي اونڌي: 150 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا: 19لاش هٿ