ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ راڻو مھر جي رھواسي گردن جي بيماري ۾ مبتلا نورالدين مھر سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ رمضان ڪلوڙ، اڪرم ميتلو سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته گردن جي بيماري ۾ مبتلا آھيان، ھفتي ۾ 2 دفعا ڊائلاسز ٿيندو آھي، گھوٽڪي ضلعي ۾ ڪٿي به ڊائلاسز جي سھولت نه ھجڻ سبب راڻي پور ويندو آھيان، غربت سبب ڊي سي گھوٽڪي سرڪاري ايمبولنس تي سرڪاري خرچ تي اتي پھچايو ۽ وٺي اچو جنھن تي ڊي سي، ڊي ايڇ او کي چيو ڊي ايڇ او مونکي گاڏي جي سھولت کان جواب ڏيئي ڇڏيو آھي جيڪا مونسان ناانصافي آھي ھن چيو ته منھنجا ننڍا ٻچا آھن ۽ منھنجي حياتي کي خطرو آھي ان ڪري سرڪار کي اپيل ٿي ڪجي ته منھنجي مدد ڪري منھنجي حياتي بچائي وڃي.