ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ 3 ڏينهن اڳ مبيناطور آڪسيجن نه ملڻ سبب نوجوان فوت ٿيڻ واري مامري جو ڊي ايچ او گهوٽڪي ڊاڪٽر رزاق مرڻاس، فوتي عثمان ملڪ جي وارثن جي وائرل ٿيل وڊيو جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي ايڇ او گهوٽڪي پاران ڊاڪٽر اشوڪ جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن کي اڄ تائين رپورٽ ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته ڳوٺ سيدپور شريف واسي ٽيڪسي ڊرائيور عثمان ملڪ 15 ڏينھن اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ھو جنھن کي 3 ڏينھن اڳ وارث ڊي ايڇ ڪيو جي ايمرجنسي ۾ کڻي آيا ھئا جتي ھو فوت ٿي ويو. جتي نوجوان جي ڀاءُ اختيار ملڪ ھڪ وڊيو ٺاھيو جنھن ۾ چيو ويو ته سندس ڀاءُ آڪسيجن نه ملڻ ڪري فوت ٿيو آھي، عملو ڀاءُ کي ڏسڻ بجاءِ موبائل استعمال ڪري رھيو ھو.