ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو پوليس جي خانگي ٽارچر سيل ۾ قيد ٻن نوجوانن جي چوري جي ٻن ڌار ڌار ڪيسن ۾ گرفتاري ظاھر ڪئي وئي آھي، ٽارچر سيل جا فوٽيجز منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پوليس ٻنھي نوجوانن کي ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پيش ڪري ٽن ڏينھن جو رمارنڊ ورتو آھي، نوجوان نديم ميراڻي جي موٽر سائيڪل ۽ خليل ڀٽي جي بجلي جي ٽرانسفارمر چوري ڪيس ۾ گرفتاري ظاھر ڪئي وئي، گرفتار ٻنھي نوجوانن مٿان نجي ٽارچر سيل ۾ وحشياڻو تشدد ڪيو ويو ھو، ٽائيم نيوز جي ٽيم پوليس جي نجي ٽارچر سيل کي ظاھر ڪيو ھو، هوڏانهن ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خالد حسين ميراڻي، سنڌ جي نائب صدر نعمت الله ڪولاچي، ضلعي صدر پھلوان موساڻي، نبي بخش ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته صحافين طرفان پوليس جا ڪرتوت سامھون آڻن تي تشدد ڪيو ويو آھي ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي