مايا علي به ڪاروباري دنيا ۾ پير پائي ڇڏيو

0
309

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاريءَ سان پاڻ مڃرائيندڙ مايا علي به ڪاروباري دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو.مايا علي مداحن کي اها خوشخبري انسٽاگرام تي هڪ خاص پوسٽ ذريعي ٻڌائي.هن پوسٽ ۾ لکيو ته مان پنهنجي ڪزن سان گڏجي ڪپڙن جو برانڊ لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نالو ”مايا پريت“ آهي.سندس چوڻ هو جيڪڏهن خواب ناهن ته جدوجهد نه ٿيندي، مان، منهنجي پياري ڪزن زينب قدير ۽ انسا قدير، اسان زندگي جي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مون کي بس توهان جي محبت ۽ دعائن جي ضرورت آهي.