لاهور: (شوبز نيوز) پاڪستان جي سينيئر اداڪار فردوس جمال چيو آهي ته ماهره خان سان منهنجي ڪا ذاتي دشمني ناهي، منهنجو بيان فني بنيادن تي هو. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ فردوس جمال جي ان بيان سبب شوبز انڊسٽري ۾ ڪافي شور مچايو ويو هو ته اداڪاره ماهره خان کي هيروئن جو ڪردار نه پر عمر جي حساب سان عورتن جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.  هڪ خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪاره پنهنجي بيان تي واضح ڪندي چيو ته منهنجي بيان جو مطلب اهو نه هو ته ماهره خان پوڙهي يا سينيئر آهي. منهنجو مطلب اهو هو ته ماڻهن جي ذهنن ۾ هيروئن جو تصور سورهن ستن سالن جي ڇوڪري آهي، عورت ۽ هيروئن ۾ فرق هوندو آهي. فردوس جمال وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪنهن سان ڪا به ذاتي دشمني ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سان ناراض آهيان. مان هڪ ٽيڪنيڪل ماڻهو آهيان ۽ مان صرف ٽيڪنيڪل ڳالهائيندو آهيان. مان هر ڪنهن کي ٽيڪنيشن جي نقطه نظر کان ڏسندو آهيان ۽ ماڻهن کي جيڪو سٺو لڳندو آهي اهو مون کي خراب نظر ايندو آهي.