ماهرا خان ۽ آئون صفا ڇوڪرن وانگر آهيون: ڪبريٰ خان

0
194

لاهور (شوبز نيوز)پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان پنهنجو پاڻ ۽ هر دلعزيز ماهرا خان کي ڇوڪرو قرار ڏنو آهي.ڪبريٰ خان تازو هڪ ويب شو جي ميزبان کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته ”هڪ ڀيري ماهرا خان پنهنجو پاڻ کي ۽ مونکي ڳَڙو (ٿڪل، ڪم ڪار کان لنوائيندڙ) قرار ڏنو ۽ اهي لفظ ئي اسان ٻنهي جي صحيح تعريف بڻجن ٿا.ڪبريٰ خان چيو ته مان ۽ ماهرا خان صفا ڇوڪرن وانگر آهيون، سيٽ تي ٽي شرٽ ۽ پاجامو ڪڏهن ڪڏهن مرداڻو ڪڙتو پهري وينديون آهيون، ڊرامي جي سين تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، ماني گهرائي کائينديون هيون سين ۽ انجواءِ ڪنديون هيون سين.وڊيو ۽ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪندي ڪبريٰ خان لکيو آهي ته ”ماهرا ۽ مان 2 ڇوڪرا آهيون،

 سيٽ تي 3 ڇوڪرا هئاسين، مان، ماهرا ۽ عثمان“هن چيو ته اسان سان گڏ عثمان خان کي آڻي سيٽ تي 3 ڇوڪرا بڻجي ويندا هئا سين، ايتري قدر جو ڊرامي جي هڪ ڪوريو گرافر منهنجو نالو ”ڪبير“ ۽ ماهرا خان جو نالو ”ماهر“ رکيو هو.واضح رهي ته ماهرا خان جي فلم اسڪرين کان ٽي وي اسڪرين تي 5 سالن جي عرصي کانپوءِ واپسي ٿي آهي، ماهرا خان، عثمان مختار ۽ ڪبريٰ خان هڪ ڊرامي ۾ اڄڪلهه مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.