ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور ڊراما نگار خليل الرحمان قمر چيو آهي ته ماهرا خان جي ٽوئٽ تي اڃا تائين دل ڏکندو آهي. ويجهڙ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڊراما نگار خليل الرحمان قمر چيو آهي ته ماهرا خان ۽ منهنجي وچ ۾ عزت جو هڪ رشتو هو ۽ اها هڪ تمام سٺي اداڪارا آهي. هن چيو ته مونکي هن جو ٽوئٽ سمجهه ۾ نه آيو هو پر هاڻي مان سمجهي ويو آهيان، هاڻي ماهرا خان جي ڳالهه معاف ڪئي ويندي پر اڃا تائين ماهرا خان جي ڳالهه تي دل ڏکندو آهي. هن چيو ته ماهرا خان کي هق هو ته اها مونکي ڪال ڪري پڇا ڪري وٺي ها ته مان ايئن ڇو ڪيو، مان هن کي ٻڌائي ڇڏيان ها پر ماهرا خان اهو حق استعمال ڪرڻ بدران اهو طريقو استعمال ڪيو جنهن جي تڪليف اڄ به آهي. هن چيو ته مان نفرت ناهيان ڪندو پر مونکي ماهرا سان نفرت ٿي ۽ ان جو ڏک به ٿيو ته مان هڪ سٺي ڇوڪريءَ ۽ مشهور اداڪارا سان نفرت ڪئي.