مان ڪواليفاءِ ڊاڪٽر ناهيان، مدد لاءِ آئي آهيان، ڊاڪٽرياڻي جو سول جج کي جواب

0
498

دادو(ن  پ ا) سول جج دادو محمد اشرف ڏهراج سول اسپتال پهچي گائني وارڊ جو معائنو ڪو، وارڊ ۾ هڪ هفتي تائين صفائي نه ٿيڻ سبب بدبو پکڙيل هئي.

ڊاڪٽر صغريٰ ملاح معزز جج کي ٻڌايو ته گائني وارڊ جي هفتي کان صفائي ناهي ٿي، سول سرجن کي چيو آهي، سوئيپر نه ايندا ته اسان ڇا ڪيون.

جڏهن ته گائني وارڊ ۾ ايئر ڪنڊيشن نه هلڻ خلاف شڪايتون ڪندڙ عورتن کي گائني وارڊ انچارج جا داٻا ڏيندي رهي.

ڊاڪٽر صغري ملاح چيو ته اي سي هلن ٿيون توهان چئو ٿا ته بند آهن، جنهن تي مريض عورت جج آڏو دانهيو ته اي سي نه ٿيون هلن.

گائني وارڊ ۾ مدد طور سميره نالي ڊاڪٽرياڻ ي پاران عورتن کي چيڪ ڪرڻ بابت سول جج کائنس پڇاڻو ڪيو  ته هن چيو مان ڪواليفاءِ ڊاڪٽر ناهيان، مدد لاءِ آئي آهيان.

جنهن تي سول جج گائني وارڊ جي انچارج کان پڇاڻو  ڪيو ته توهان جو هي ڪهڙو طريقو آهي جو بنا ڪواليفاءِ ڊاڪٽر ويهاري مريضن کي ان جي حوالي پيا ڪيو.

سول جج جي معائني دوران ڊاڪٽر ريما سومرو، نصرت ٻرڙو، شهنيلا، ڊاڪٽر نزاڪت جسڪاڻي سميت 8  ڊاڪٽرز غير حاضر هئا.