دوحا (اسپورٽس نيوز) قطرجي شيخ جاسم، مانچيسٽر يونائيٽڊ کي خريدڻ لاءِ راندين جي تاريخ جي سڀ کان مهانگي ٻولي لڳائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب، انگلش فٽبال ڪلب کي خريدڻ ۾ دلچسپي رکندڙن 28 هين اپريل تي پنهنجي حتمي ٻوليون جمع ڪرايون، جنهن ۾ قطر جي اسلامي بئنڪ جي چيئرمين شيخ جاسم پنج بلين پائونڊ (اٽڪل 15 کرب 78 ارب پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ) رقم جي آڇ ڪئي. رپورٽن موجب، قطري شيخ طرفان ٻوليءَ جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪلبن جو خيال آهي اِها آڇ گهربل ويليويشن کان گهٽ آهي. ٻئي پاسي ڪلب ۾ 20، 20 شييئرز جي مالڪ ايورم ۽ جوئل گلاسرز ڪاٿو لڳائيندي ٻڌايو ته مانچيسٽر يونائيٽڊ جي هاڻوڪي قيمت ڇهه بلين يورو ( اٽڪل 18 کرب 94 ارب پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ) آهي. واضح رهي ته اين ايف ايل باسڪٽ بال ليگ جي ٽيم واشنگٽن بابت چار ڏهائي اٺ بلين يورو جي معاهدي تي اڃا ڳالهه ٻولهه جاري آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ قطري سيڙپڪارن جي هڪ گروپ مشهور فٽبال ڪلب مانچيسٽر يونائيٽڊ کي خريدڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو.