مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) چيمپئن ليگ ڪوارٽر فائنل فرسٽ ليگ ۾ انگلش ڪلب مانچسٽر يونائيٽڊ گريناڊا کي 2 ٻڙي تان شڪست ڏئي ڇڏي. چيمپئنز ليگ ڪوارٽر فائنل جي فرسٽ ليگ ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ جو مقابلو اسپينش ڪلب گريناڊا سان ٿيو، جنهن ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ طرفان ميچ جي 31هين منٽ ۾ رشفورڊ گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري. ٻئي هاف ۾ گريناڊا جي ٽيم مضبوط مانچسٽر يونائيٽڊ آڏو بي وس نظر آئي، جڏهن ته آخري گهڙين ۾ مانچسٽر کي پنلٽي ملي، جنهن تي برونو فرنڊس ٽيم جو ٻيو گول ڪيو.