مانجھند (ن پ ا) مانجھندڀرسان حادثي ۾ فوت ڄاڻايل عورت جي مڙس سميت ٽن ڄڻن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مهينو اڳ مسمات رخسنا خاصخيلي پنهنجي مڙس سان حيدرآباد شاپنگ لاءِ وڃي رھي ھئي ته مبينا طور موٽر سائيڪل ۾ رئو ڦاسڻ جي نتيجي ۾ ڪري زخمي ٿي پئي هئي، جيڪا سول اسپتال حيدرآباد ۾ ٻن ڏينھن کان پوءِ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي هئي. ناري جي فوت ٿيڻ بعد پيء الھه ڏنو خاصخيلي قتل جو خدشو ظاھر ڪرڻ بعد سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني ھئي ڪورٽ جي حڪم تي ڪالهه کاڻوٺ ٿاڻي تي رخسانا خاصخيلي جي پيءُ الھڏنو جي فرياد تي ناري جي مڙس اصغر خاصخيلي، پريو خاصخيلي، دودو خاصخيلي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويوآهي. ناري جي پيءُ ڄاڻايو ته ڌيءُ جي پسند جي شادي ڪرڻ بعد سندس مڙس ۽ انجا عزيز مٿس تشدد ڪندا ھئا جنهن سبب ھوءَ فوت ٿيڻ کان اڳ ھڪ رشيتدار کي کاڻوٺ جي سينٽر ۾ اطلاح ڏنو ھو ته منھنجو مڙس ۽ انجا عزيز روزانو تشدد ڪن ٿا، اطلاح جي ڪجهه ڏينهن بعد نياڻي جي فوت ٿيڻ جي خبر ملي ان مان ظاھر آهي ته ڌيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ناري جي مڙس اصغر خاصخيلي ٻڌايو ته اسان پسند جي شادي ڪئي ھئي جنهن تي زال جا وارث ناراض ھئا حادثي کي قتل ڄاڻائي مونکي ڦاسائي رھيا آھن.