مانجھند (ن پ ا) مانجھند تعلقي جي چئن يوسين لاکا، کاڻوٺ، منظورآباد ۽ انڙپور ۾ چوپائي مال ۾ ارڙي، سامرو، ڪاري ٽنگ ۽ ٻين مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي، جنهن سبب 30 کان مٿي مالوند ماڻهن جا قميمتي جانور مري ويا آهن ۽ سوين ڍور ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، جنهن سبب مالوند پريشان آهن. چوپائي مال ۾ بيماري اچڻ کانپوءِ ڳوٺ سنگھار کوسو ۾ فاروق کوسو جون لکين روپين جون ماليت رکندڙ 3 ڪاموريون ٻڪريون بيماري وگھي مري ويون آهن، جڏهن شاھ ڏنو، غلام الدين ۽ محمد رحيم سميت ٻين ڪيترين ئي مالوند ماڻهن جا قيمتي ڍور مري ويا آهن سوين ڍور مختلف بيماري ۾ مبتلا آهن.مالوند وٽنري اسپتالن مان لاڀ نه ملڻ ڪري مختلف ديسي ٽوٽڪا استعمال ڪرڻ لڳا آهن. پر ديسي ٽوٽڪن باوجود موضي بيماري تي ڪنٽرول نھ ٿي سگھيو آهي. گلزار کوسو، برسات کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل پندرهن ڏينهن کان اچانڪ چوپايو مال بيماري منهن ڪڍڻ سبب اسان جا ڪيترائي قيمتي جانور مري ويا آهن ۽ سوين ڍور مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن پر ويٽنري سان لاڳاپيل انتظاميا منظورآباد ۽ مانجھند ۾ چوپايو مال لاءِ موجود سينٽرن کي تالا ھڻي اگھور ننڊ ستل آهن جنهن سبب قيمتي چوپايو مال جو مرڻ روزانو جي حساب سان معمول بڻيل آهي. ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اعليٰ انتظاميا کي کپي ته نوٽيس وٽي اسان جي بيماري ۾ ورتل قميتي جانور کي ويڪسين ڪري اسان جي وڌندڙ بي چيني کي ختم ڪيو وڃي.