مانجھند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان باز ڪنڊو وٽ انڊس ھاءِ وي تي ڪار ۽ لوڊر رڪشا وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ لوڊر رڪشا سوار منظورآباد واسي 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي موٽروي پوليس پاران لمس اسپتال ڄامشورو  منتقل ڪيو جتي محمد حسن کوسو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته زخمين ۾ ببلو ماڇي، دودو ماڇي، بشير، الله ڏنو باريجو شامل آهن.