مانجھند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان ڳوٺ  راڄڙي انڊس هاءِ وي روڊ تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار ۽ رڪشا وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو. نتيجي ۾ رڪشا سوار عورتن مردن ٻارن سميت 10 ڄڻا  مسمات وزيران کوسو مسمات غلام زهراه کوسو مسمات حسنا کوسو ساجده کوسو مينا کوسو صائمه کوسو غلام کوسو جان زادو کوسو ۽ ٻيا خمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪار ۾ سوار مسافر معجزاڻي طور تي محفوظ رھيا زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.