مانجھند (ن پ ا)مانجھند ڀرسان انب ڳوٺ وٽ سنڌو درياھ ڀرسان سم نالي ۾ وھجندي 2 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. ان  ڏس ۾ سم نالي ۾ وھجندي 2 ڄڻا ٻڏي فوت ٿيلن ۾  16سالن جو سعيد جان پٽ جاني کوسو ۽ 15 سالا غلام حسين پٽ جونگل کوسو شامل آهن، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ ھڪ ڪلاڪ بعد غلام حسين پٽ جونگل کوسي جو لاش ڪڍيو جڏھن ته ٻئي نوجوان سعيد جان جو لاش 6ڪلاڪن جي ڪوشش بعد ھٿ ڪيو ويو. حادثي دوران 6 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميا تحرڪ نه ورتو. علائقي واسي ڊي سي ڄامشورو سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا پر رابطي نه ٿي سگھيو. جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو۽ فوتين جي والدين کي بيھوشي دورا پئجي رهيا هئا. ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئنجي ويو.