مانجھند (ن پ ا) مانجھند انڊس ھاءِ وي ڀرسان بازڪنڊو وٽ 5 چور بورنگ تي ويٺل چوڪيدار تي تشدد بعد سولر سسٽم کڻيي فرار ٿي ويا چوڪيدار الھوسايو  پٽ جمال برفت ٻڌايو ته ذرعي زمين تي لڳل بور جي چوڪيداري دوران اڻڄاتل پنجن چورن اچانڪ حملو ڪيو کيس سخت زخمي ڪري بور تي رکيل 20 کان وڌيڪ سولر پليٽون موٽر ۽ انويٽر کڻي فرار ٿي ويا. ان موقعي تي زمين مالڪ عبدالستار برفت رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي زمينن تي لڳل بور جي سولر سسٽم جي ماليت 22 لک رپيا ھئي اڻڄاتل چور چوڪيدار کي زخمي ڪري مڪمل سولر سسٽم کڻي فرار ٿي ويا آهن. زخمي چوڪيدار کي کاڻوٺ ٿاڻي تان ليٽر وٺي تعلقا اسپتال مانجھند منتقل ڪيو سندس زمين تي ٿيل واقعي جي اين سي کاڻوٺ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.