مانجھند (ن پ ا) حبيب الله ڪوئلا ڪمپني جي انتظاميا پاران مقامي ٽرانسپورٽرن ۽ مقامي پورھيتن کي بنيادي سھولتون نه ڏيڻ خلاف ھزار خان کوسو، شرف الدين کوسو، احمد علي کوسو احتجاج ڪندي چيو ته حبيب الله ڪوئلا ڪمپني 40 سال کان مقامي ماڻهن جي سروي زمينن ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ڪرڻ باوجود بنيادي سھولتون ڏيڻ کان قاصر آهي. هنن چيو ته ڪمپني انتظاميا ڌارين جون گاڏيون ڀرائي رهي آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.