مانجهند ويجهو خوفناڪ حادثو، 13 ڄڻا اجل جو شڪار، 12 ڄڻا زخمي

0
289

مانجھند (رپورٽر) مانجهند ويجهو انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن ۽  12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بهاولپور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، ٽڪر لڳڻ بعد ڪوچ کي باهه وڪوڙي وئي

حادثي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، 11 فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي، فوتين ۾ ٻن ورهين جي خديجه، ثمر عباس، مختيار، محمد اشرف، عتيق الرحمان، اجمل، جاويد، حسنين ۽ ذوالقرنين شامل آھن

فوتي عورتن ۾ خاتون زال شاهنواز ۽ نورين به شامل، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي، زخمين کي مانجهند جي تعلقي اسپتال ۽ ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، پوليس ڪوچ جي ڪلينر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف علائقن مان هڪ ڏينهن ۾ 5 لاش هٿ

نوابشاهه: کٽاڻ جي ڪارخاني ۾ گئس ڀرجي وئي، پيءُ پٽن سميت 4 ڄڻا فوت