مانجهند (ن پ ا) مانجهند انڊس هاءِ وي اسٽاپ تي حيدرآباد کان دادو ۽ دادو کان ڄامشورو طرف ويندڙ ٻن ڪارن جو آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ پويان کان ايندڙ بس ڪارن سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شمس الدين  ولد محمد رمضان زنئور، بدرالدين زنئور، عبدالهادي، خالده ڌيءُ بدرالدين، ايمان ڌيءَ بدالردين، ۽ سڪينا زال شمس الدين سخت ٿي پيا، جن کي مانجهند اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڄڻي سڪينه جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ حيدرآباد جي سول اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، حادثي جي سمورن زخمين جو تعلق دادو شهر سان ٻُڌايو پيو وڃي.