ٽنڊو ڄام ( رپورٽ مبين مگسي ) سنڌ جي ورسٽين ۾  مالي بحران جو جواز ڄاڻائي ڪيترن ئي ڪچن  ۽ پڪن ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. 150 جي لڳ ڀڳ ملازمن کي برطرف ڪرڻ جا اطلاع آهن. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مالي بحران سبب ملازم جا ڪيترائي مسئلا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. وائيس چانسلرن مختلف يونيورسٽين مان 150 جي لڳ ڀڳ ڪچن ۽ تاريخ تي ڪم ڪند ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي ،سنڌ جي مڙني يونيورسٽين جي ملازم جا جائز مطالبا پورا نه ٿيڻ سبب ال سنڌ ايمپلائيز فيڊريشن جي سڏ جي مخلتف يونيورسٽي جي ملازم تنظيم جي عھديدران جو اجلاس فيڊريشن جي چيئرمين محمد علي گھانگروجي صدارت ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ٿي گذريو،فيڊريشن جي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ ٻين عهديدارن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي فيڊريشن جي چيئرمين محمد علي گهانگهرو چيو ته دائود يونيورسٽي ۾ 124 ملازمن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي جنهن مان 44 ڄڻن کي برطرف ڪيو ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 56 ڄڻا کي برطرف ڪيو ويو آهي ،وڌيڪ 80 ڄڻن کي ڪڍڻ لاءِ تياري مڪمل ڪئي وئي آهي ،پمس يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ۾ به 22 ڄڻن جي نوڪري چٽ  ڪئي وئي آهي ،شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي مان به هڪ ملازم کي برطرف ڪيو ويو آهي ،هن چيو ته وزير علي سيد مراد علي فوري طور برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪري بي صورت ۾ مرحليوار تحريڪ شروع ڪئي ويندي ،هن چيو ته يونيورسٽين ۾ احتجاج بعد ڄامشورو کان حيدرآباد تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو ،بعد ۾ ڄامشورو کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪري پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو ،فيڊريشن جي سابقه جنرل سيڪريٽري نور محمد هليو چيو ته 18 تريم کان پوءِ يونيورسٽيون سياسي ٿي ويو آهن ،يونيورسٽين ۾وائيس چانسلر به سياسي سفارشن ٿي ڀرٿي ٿين ٿا،لمس يونيورسٽي جي سعيد لاشاري چيو ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ملازمن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ،هن چيو ته هڪ روزگار ڏين  نٿا ٻيو وري ڪڍڻ ۾ پورا آهن ،،مهراڻ يونيورسٽي جي علي محمد شورو چيو ته پيپلزپارٽي پارٽي جو منشور آهي ته روٽي ڪپڙا اور مکان ،پر هتي ٽئي شيون کسيو پيو وڃن، اجلاس ۾ سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي ملازم تنظيم نعهديدارن  پڻ شرڪت ڪئي.