ماضي ۾ سياستدانن پنهنجي اقتدار لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان سودا ڪيا: خواجه آصف

0
247

اسلام آباد؛ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز ليگ جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته ماضي ۾ سياستدانن پنهنجي اقتدار لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان سودا ڪيا، جيستائين شفاف چونڊون نه ٿينديون، سياستدان پنڊي ڏانهن ڏسندا رهندا. هن اسپيڪر کي مخاطب ٿي چيو ته اسپيڪر صاحب توهان کي به هن ايوان جي وقار وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 220 ملين ماڻهن کي اقتداري راند جو حصو ٿيڻو پوندو، ڇا جيڪا پاور گيم هتي ٿي رهي آهي، 72 سالن ۾ ڪا بهتري آئي؟ هن چيو ته 90ع واري ڏهاڪي ۾ پ پ ۽ ن ليگ جا هڪٻئي جي گريبانن ۾ هٿ هئا، 99ع ۾ فوجي مداخلت ٿي ۽ 9 سال هنن حڪومت ڪئي. اسان سياستدان ئي ان جو حصو بڻياسين. خواجه آصف چيو ته اسان کي پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ مضبوط هوندي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، ڪنهن ٻئي تي الزام ڇا لڳايون ، اها سياستدانن جي ناڪامي آهي، سياستدان ئي آئين جي ڀڃڪڙي ۾ سهولتڪار بڻيا.