ماضي واريون سياسي حالتون پر ڪردار تبديل

0
192
نيٺ ڇا ٿيندو ؟

 اليڪشن ڪميشن جي تحريڪ انصاف خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ ٻن امڪانن تي بحث  ٿي رهيو آھي ته هڪ  ته  تحريڪ انصاف مٿان بطور پارٽي پابندي لڳي سگهي ٿي پر ان لاءِ وفاقي حڪومت کي ڊڪليئريشن جاري ڪري سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻي پوندي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو ئي حتمي تصور ٿيندو. ٻيو عمران خان  چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل ٿي سگهي ٿو جڏهن ته حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون عمران خان کي توشا خانه مان ورتل تحفا اثاثن ۾ ظاهر نه ڪرڻ جي بنياد تي نااهل ڪرائڻ لاءِ به درخواست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي چڪيون آھن.  عمران خان جيتوڻيڪ اهو چئي رهيو آھي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ ڪجھه به نه آھي پر عمران خان اهو به بار بار چئي رهيو آھي ته هي مونکي ٽيڪنيڪل بنيادن تي نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا، هي چاهين ٿا ته مونکي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ نااهل ٿيل نواز شريف کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عمران خان جي بيان تي غور ڪجي ته اهو واضح طور محسوس ٿيندو ته عمران خان کي به اهو خدشو آھي ته هو نااهل ٿي سگهي ٿو ان جو هڪ مطلب پي ٽي آءِ مائينس عمران خان آھي. اسان جي ملڪ اندر پيپلزپارٽي مان مائينس ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان بعد مائينس بينظير ڀٽو جي حوالي سان ڪوششون ٿيون ايئن آصف علي زرداري جي به پارٽي مان مائينس جون ڳالهيون سامهون آيون، ن ليگ مان نواز شريف جي مائينس ٿيڻ جا به فارمولا سامهون آيا، نوازشريف چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل به ٿي ويو پر ن ليگ جي سياست مان ڇا نواز شريف مائينس ٿي سگهيو آھي؟ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت بعد به ڇا اڄ به پيپلزپارٽي  جو انهن جي سياسي سوچ ۽ ڪردار جي ڪري سفر جاري نه آھي؟ هاڻي مائينس ون فارمولو اچي عمران خان تي پهتو آھي.

مزي جي ڳالھه آھي ته اهي پارٽيون جن لاءِ مائينس ون فارمولو ماضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿي اهي عمران خان جي پي ٽي آءِ مان مائينس ٿيڻ جي نه رڳو خواهش رکن ٿيون پر اهي ان لاءِ ڪوششون به ڪري رهيون آھن. ماضي ۾ اهي پارٽيون اهو چونديون هيون ته ڪنهن کي به سياست مان مائينس ڪرڻ جو اختيار رڳو عوام وٽ هجڻ گهرجي، پر اسان جي ملڪ ۾ موقف ۽ سياسي ڪردار تبديل ٿيڻ ۾ دير نه ٿيندي آھي. ماضي تي نظر ڊوڙائي موجوده حالتن کي ڏسجي ٿو ته ماضي ۽ موجوده وقت جون حالتون ته ساڳيون نظر اچي رهيون آھن پر انهن حالتن کي ڀوڳڻ وارا ڪردار تبديل ٿي ويا آھن. ماضي ۾ پاناما ڪيس ۾ عمران خان ميان نواز شريف کي نااهل ڪرائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور ڏنو، هاڻي ساڳي ن ليگ جي حڪومت پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي نااهل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آھي. ماضي ۾ طاقتور ڌرين جي آشيرواد بابت عمران خان تي الزام لڳندو هو اهو الزام هاڻي حڪومتي اتحادي پارٽين تي لڳي رهيو آھي.

گذريل چونڊن کان اڳ موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون ڌانڌلي جا خدشا ظاهر ڪري رهيون هيون هن وقت عمران خان کي اليڪشن ڪميشن حڪمران پارٽي ن ليگ سان مليل محسوس ٿي رهيو آھي. 2018ع جي چونڊ کان اڳ ڪي پي  صوبي ۾ اي اين پي ۽ پي پي پي لاءِ جلسا ڪرڻ مشڪل هو ۽ کين جلسا ڪرڻ تي دهشتگردي جي ڪاررواين جون ڌمڪيون ملي رهيون هيون کين نه رڳو ان وقت ڌمڪيون مليون پر اي اين پي جي جلسن ۾ ڌماڪا ڪيا به ويا هن وقت ان قسم جون شڪايتون عمران خان ڪري رهيو آھي ته سندس پارٽي کي طالبان پاران ڌمڪيون ملي رهيون آھن. گذريل چونڊن ۾ نواز شريف جي نااهلي کي عمران خان خراب نه سمجهي رهيو هو هن وقت موجوده حڪمران اتحاد جي اڪثر پارٽين ۾ به اها ئي سوچ آھي ماضي مان ڪير به سبق سکڻ لاءِ تيار نه آھي پر حقيقت اها آھي ته ماضي ۾ جيڪو ڪنهن هڪ پارٽي ڪردار ادا ڪيو اهو ڪردار ايندڙ وقت ۾ ٻيون ڌريون ادا ڪرڻ لاءِ تيار آھن.

سياسي ڌرين جي اقتداري سياست ملڪ اندر جمهوري نظام کي انتهائي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي نه رڳو ايترو پر سياسي، جمهوري نظام تان عوام جو اعتماد ئي ختم ٿيندي محسوس ٿي رهيو آھي. هن وقت ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي جي صورتحال آھي ان صورتحال سبب عام ماڻهن سوڌو مڊل ڪلاس به پيڙهجي رهيو آھي پر سياسي ڌرين کي ڏسجي ته انهن کي عوام جو ڪو اونو ۽ فڪر بجاءِ پنهنجي پنهنجي سياست جي لڳل آھي. مهانگائي ۾ گهٽتائي لاءِ ملڪ اندر سياسي استحڪام گهرجي پر سياسي ڌريون هڪ ٻئي خلاف دست گريبان آھن جنهن ڪري عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ملڻ بجاءِ سندن ساهه وڌيڪ گهٽڻ جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آھي.جيڪڏهن سياسي اختلاف ايئن اڳتي وڌندا رهيا ته چونڊن بعد به اسان جي ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ٿي نه سگهندي ملڪ ايئن ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ ڪيستائين هلندو رهندو ان سوال تي سياسي ڌريون ڄڻ ته سوچڻ لاءِ تيار ئي نه آھن.

عمران خان  قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تي ٿيندڙ ضمني چونڊ دوران سمورن تڪن تي پاڻ اميدوار طور سامهون اچي سياسي جوا کيڏي رهيو آھي. عمران خان کي اها سياسي جوا سياسي طور گهڻو نقصان به ڏئي سگهي ٿي ڇو ته نو تڪن مان ڇھه تڪ انهن صوبن ۾ آھن جتي عمران خان جي حڪومت آھي باقي ٽي تڪ  سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ آھن جيڪڏهن عمران خان ضمني چونڊ ۾ شڪست کاڌي ته عمران خان جي پي ٽي آءِ بابت  سڀ کان وڏي مقبول پارٽي واري دعويٰ ئي رڳو ڌوڙ نه ٿي ويندي پر ايندڙ چونڊن لاءِ عمران خان جي پارٽي خلاف فضا به پيدا ٿي سگهي ٿي.  پر جيڪڏهن عمران خان ضمني چونڊ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته دنيا ۽ ملڪ اندر اهو باور ڪرائڻ  ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو  ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آھي ۽ ٻيون سموريون پارٽيون گڏجي به عمران خان جو سياسي طور مقابلو نٿيون ڪري سگهن. ننڍي چونڊ ۾ عمران خان جي سمورين سيٽن تي ڪاميابي ڌرين جي سوچ عمران خان لاءِ تبديل به ڪري سگهي ٿي. ضمني چونڊن ۾ عمران خان کي اهو سوال نقصان ڏئي سگهي ٿو ته عمران جيڪڏهن ڪامياب به ٿي ويو ته هو اسيمبلي نه ويندو ۽ تڪ وري خالي ٿي ويندا. ايئن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ملڪ اندر پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ۽ مهانگائي  واري صورتحال حڪمران اتحاد لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي.

دلچسپ ڳالھه اها آھي ته جن نو تڪن تي چونڊ ٿي رهي آھي انهن سمورن تڪن تي پي ٽي آءِ اميدوار ڪامياب ٿيل هئا پر پي ٽي آءِ جي ڪاميابي باوجود انهن تڪن تي ڌار ڌار مقابلو ڪندڙ موجوده حڪمران اتحاد  ۾ شامل پارٽين جي ووٽن کي گڏائجي ته انهن تڪن تي حڪمران اتحاد جي پارٽين جي اميدوارن جا ووٽ وڌيڪ آھن. هاڻي اهي گڏيل چونڊ وڙهي رهيا آھن ان ڪري هاڻي مقابلو اڃا سخت ٿي ويو آھي. مثال طور اين اي 22 مردان تي 2018ع جي عام چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جو علي محمد خان 58 هزار 652 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو پر ان تڪ تي ايم ايم اي جي اميدوار 56 هزار ،587  ن ليگ جي اميدوار 36 هزار 804 ، اي اين پي جي اميدوار 27 هزار ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوار 13 هزار ووٽ کنيا هئا. موجوده حڪمران اتحاد جي پارٽين جا ووٽ تقسيم هجڻ ڪري علي محمد پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيو هو. هاڻي جڏهن اهي پارٽيون گڏجي چونڊ وڙهي رهيون آھن تڏهن هڪ ئي اميدوار کي ووٽ ملندا ايئن هر تڪ تي گذريل عام چونڊن ۾ گڏيل طور موجوده حڪمران اتحاد جا ووٽ وڌيڪ ٿين ٿا،

اهو ئي سبب آھي ته نو تڪن تي ٿيندڙ چونڊ عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهي آھي، ڇو ته اها چونڊ ايندڙ عام چونڊن جو رخ طئه ڪندي پر ان ضمني چونڊ جي چئلينج کان سواءِ پي ٽي آءِ لاءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ايف آءِ اي جي ڪاميٽي جي جاچ کي منهن ڏيڻ به چئلينج آهي. پي ٽي آءِ خلاف فارين فنڊنگ ڪيس 2008ع کان 2013ع تائين پنجن سالن جي مدت تي ٻڌل آهي پر ان فنڊنگ جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي عمران خان کان پي ٽي آءِ جي قيام کان هن وقت تائين لڳ ڀڳ 26 سالن جو رڪارڊ گهريو آهي. في الحال ته عمران خان ايف آءِ اي کي اهو چئي تفصيل فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ته اهو ايف آءِ اي جو دائره اختيار ئي ناهي. عمران خان جي اهڙي جواب کان پوءِ ڏسجي ته ايف آءِ اي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿي ۽ جاچ کي ڪيئن اڳتي وڌائي ٿي،

پر جيڪڏهن ايف آءِ اي عمران خان جي پارٽي کي مليل 26 سالن دوران فنڊنگ خاص طور تي 2018 ع کان پوءِ مليل فنڊنگ جا تفصيل هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي ته اهي تفصيل پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ خلاف آيل فيصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهن ٿا ۽ ايئن پي ٽي آءِ جو گهيرو وڌيڪ سخت ٿي سگهي ٿو. نه رڳو اهو پر بلوچستان جي لسٻيله واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪاررواين ۾ مصروف پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر کي پيش آيل حادثي ۾ شهيد ٿيل فوجي آفيسرن جي شهادت کان پوءِ انهن شهيدن خلاف سوشل ميڊيا تي منفي پروپئگنڊا هلائڻ واري مامري جي به جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ تي الزام آهي ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان پاڪ فوج جي شهيد آفيسرن خلاف منفي پروپئگنڊا ڪئي وئي. ايف آءِ اي ان حوالي سان منفي پروپئگنڊا ڪندڙ ڪردارن جو پتو لڳائڻ جي ته ڪوششن ۾ آهي پر انهن پروپئگنڊا ڪندڙن جي هينڊلرن ۽ سهولتڪارن جو به پتو لڳائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ان مهم جو پي ٽي آءِ سان لنڪ ثابت ٿيو ته اهو مامرو به پي ٽي آءِ لاءِ سخت مشڪلاتن جو سبب ٿي سگهي ٿو.

ايئن شهباز گل پاران ٽي وي چينل تي ڏنل بيان  شهباز گل لاءِ ته مشڪلاتون پيدا ڪري چڪو آهي ڇو ته هاڻي عمران خان  ۽ پي ٽي آءِ جا اهم اڳواڻ به اهو چئي چڪا آهن ته شهباز گل جي بيان جو هڪ اڌ جملو غير مناسب هو، جيڪو کيس نه ڏيڻ گهرجي ها، شهباز گل جي به بيان بابت اهو تصور ڪيو پيو وڃي ته هن اهو لکيل بيان پڙهيو آهي، ان ڪري اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته شهباز گل کي اهو بيان لکت صورت ۾ ڪٿان مليو آهي؟ ان بيان جا پيرا به جيڪڏهن پي ٽي آءِ قيادت طرف ويا ته پي ٽي آءِ لاءِ اهو ڪيس به مشڪلاتن جو سبب ٿي سگهي ٿو. ملڪي تاريخ تي نظر وجهجي ٿي ته اهو واضح نظر اچي ٿو ته ملڪي تاريخ ۾ اسٽيبلشمينٽ مٿان ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي پارٽين به تنقيد پئي ڪئي آهي پر جنهن نموني سان عمران خان طاقتور ڌرين کي حدف جو نشانو بڻايو آهي ايئن ڪو به سياسي اڳواڻ ۽ پارٽي ڪري نه سگهي آهي.