ماضي جون تلخيون وساري اڳتي وڌڻ گهرجي

0
199
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

نيٺ فوج جي سربراهه جي مقرري به ٿي وئي جنهن بابت ڪا پڪ نه هئي ته ڇا ٿيندو، قياس آرائين ۽ افواهن جو هڪڙو طوفان هو.  وزيراعظم ۽ حڪومت جي فيصلي کانپوءِ به اهو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته متان وري صدر صاحب اها سمري روڪي نه ڇڏي جيڪا وزيراعظم هائوس مان صحيح لاءِ ايوان صدر موڪلي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٽي وي انٽريوو ۾ اهو اظهار ڪيو هو ته صدر علوي ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته جڏهن سمري ايندي ته ان کي ڏسي آئيني ۽ قانوني حدن م رهي کيڏنداسين.کيڏنداسين جو لفظ ئي ايڏو خطرناڪ هو جو گهڻن ماڻهن جي ذهن ۾ گهڻا ئي خدشا هئا ڇاڪاڻ ته آئيني طور صدر کي اهو اختيار ته بهرحال آهي ته هو ڪابه  سمري 15 ڏينهن تائين پاڻ وٽ روڪي سگهي ٿو يا واپس ڪري سگهي ٿو،عام سياسي معاملن ،قانونسازي ۽ ٻين انتظامي معاملن جي سمرين بابت ايئن ٿيندو به رهيو آهي اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ناهي پر فوج جي سپهه سالار جي سمري کي ايئن روڪڻ جو ڪو تصور نه ٿو ڪري سگهي پر ان جو ٿورو ئي سهي پر امڪان موجود هو ۽ ان جو  سڀ کان وڌيڪ نقصان ملڪ ،ان اداري،  سياسي نظام ۽ ان  صدر جي آفيس کي ٿئي ها جيڪا ڪنهن هڪ پارٽي نه پر رياست جو نمائندگي ڪري ٿي. بهرحال اهي افواهه ۽ خدشا ان وقت ختم ٿي ويا جڏهن ڪجهه ڪلاڪن کانپو۽ صدر ان سمري تي صحيح ڪري ڇڏي ٿي جيڪا  بهرحال هن افواهن ۽ قياس آرائين واري ماحول ۾ بهتر ڳالهه ٿي آهي  ۽ هاڻي شين کي اڳتي وڌڻ گهرجي.جيڪا هيجان جي ڪيفيت هئي ان مان نڪري ماضي جي تلخين کي وساري ملڪ جي بهتري ۽ ڀلي لا۽  پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لا۽ اڳتي وڌڻ گهرجي.

ڪيترن مهينن خاص ڪري ڪجهه هفتن کان سڄو بحث انهي تي هو ته ايندڙ آرمي چيف ڪير ٿيندو مخلتف سياسي پارٽين جي مهم ڪري اهو معاملو تڪراري به ٿي رهيو هو خاص ڪري تڏهن جڏهن عمران خان اهو چوڻ شروع ڪيو ته هن حڪومت کي آرمي چيف جو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي، ڀلي موجود آرمي چيف جي ڪجهه مدي ۾ واڌ ڪري پوءِ اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ نئين حڪومت آرمي چيف مقرر ڪري انهي کانپوءِ ڳالهه وڌي نالن تائين اچي وئي ۽ هر ڪو سمجهي پيو ته ڪير ڪنهن کي آرمي چيف ڪرائڻ نه ٿو چاهي، پوءِءِ لنڊن تائين به ملاقاتون ٿيون. پاڪستاني تاريخ  ۾  آرمي چيف جي مقرري لاءِ شايد ئي ڪڏهن ايترو بحث ۽ مونجهارو ٿيو  هجي جنهن ڪري سڄو ملڪ ڄڻ ته هڪ اضطراب واري ڪيفيت ۾ هو ته خبر ناهي ڇا ٿيڻ وارو آهي. ايستائين جو ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ٿيڻ جو به خدشو ڏيکاريو ويو رڳو ڪنهن هڪ ڌر طرفان نه پر حڪومت  ۾ ويٺل به اهو خدشو ڏيکاري رهيا هئا ته مخالف ڌر جو اڳواڻ عمران به اهو چئي رهيو هو ته جيڪڏهن مارشلا لڳائڻي آهي ته لڳائي ڇڏين مونکي ڪا پرواهه ناهي. هاڻي به جڏهن وزيراعظم هائوس مان نالا فائنل ڪري صدر صاحب ڏانهن منظوري لاءِ موڪليا ويا تڏهن به سڄو ڏينهن هڪ غير يقيني واري صورتحال رهي ته صدر صحيح ڪندو يا اعتراض هڻي سمري واپس ڪندو يا پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو.باوجود ان جي ته هي مقرري صرف  ئي صرف ميرٽ جي بنياد تي ٿي آهي جنهن ۾ اهليت ۽ سينيارٽي کي مدنظر رکيو ويو آهي ۽ ڪنهن جي به پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي فيصلو نه ڪيو ويو آهي ۽ صدر صاحب به ان جي منطوري ڏئي اهي سڀ امڪان ختم ڪري ڇڏيا جنهن سان ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خطرو هو.

اسان سمجهون ٿا ته ويجهي ماضي جي تلخ ڳالهين کي وساري اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. اسٽيبلشمينٽ جڏهن کليل اعلان ڪري چڪي آهي ته اهي  سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا ته سياسي ڌرين جو به فرض آھي ته اهي ادارن کي پنهنجي سياسي مفادن لا۽ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪن ۽ انهن کي مداخلت جي دعوت نه ڏين. سياسي ڌرين جو اهڙو ڪردار ۽ ميرٽ تي مقرريون ئي ملڪي نظام لا۽ فائديمند ٿينديون.